ڀاڳ ڀان

ڀاڳ ڀان: يعني اهي ڀان جن جو پاڙو ”ڀاڳ“ آهي: اهي سومرن جا ڀان، جيڪي سومرن جا شجرا رکندا ۽ سندن ڳالهيون کڻندا هئا. انهن مان آدم ۽ ٻيا ڳوٺ شير خان چانڊيي، لڳ دڙيلي، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ رهندا هئا. ڀاڳن ڀانن جو هڪ گهر ڪڇ ۾ ”سومرين جي غار واري مقام“ تي به آهي. اهي محمد فقير وڏي جي اولاد مان هئا، جيڪو سنڌ مان سومرن جون سامون ابڙي جاڙيجي وٽ وٺي ويو هو. سومرن جو شجرو رڳو محمد فقير جي اولاد وٽ رهيو، محمد جو پٽ حسين هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو